پنهنجي ڪهاڻي پنهجي زباني-1

پنهنجي ڪهاڻي پنهجي زباني-1

پنهنجي ڪهاڻي پنهجي زباني-1

پنهنجي ڪهاڻي پنهجي زباني-1 (ڪتاب): مشهور سياستدان ۽ سنڌ جي مشهور مفڪر جي ايم سيد جي آتم ڪهاڻيءَ جو پهريون ڀاڱو 2003ع ۾ جي. ايم. سيد اڪيڊمي، سن ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ جي. ايم. سيد جي 1904ع کان 1924ع تائين جي ابتدائي 25 سالن جو ذڪر شامل آهي. ساڳئي عنوان سان روشني پبليڪيشن پاران ساڳيو ڪتاب2011ع ۾ ٻن ڀاڱن ۾ ڇپيو آهي، جنهن جي پهرئين حصي ۾ جي. ايم. سيد جي ابتدائي 32 سالن (1904کان 1935ع تائين) جو احوال ڏنو ويو آهي ۽ ٻئي حصي ۾ 1936ع کان 1947ع جو ذڪر شامل آهي.
جي. ايم. سيد جي هن آتم ڪٿا جي پهرئين حصي ۾ خاندان جو مختصر احوال ۽ پوءِ ترتيبوار ’زندگيءَ جا پهريان 16 سال‘، ’طبيعت جا رجحان ۽ ان تي بيروني اثر‘، ’زندگيءَ جي مکيه واقعن جون تاريخون ۽ مختصر احوال‘، ’ڊائري مان ڪن دلچسپ واقعن جو احوال‘، ’انهيءَ دور جي چند واقف معززن جو ذڪر‘ وغيره شامل آهي. ٻئي حصي ۾ ڪل ست باب آهن. جن جو وچور هن ريت آهي: انهيءَ دؤر جا بين الاقوامي سياسي احوال، هندستاني سياست جا احوال ۽ واقعا، سنڌ جا لوڪل سياسي مسئلا ۽ حقيقتون، شخصي، نفسياتي تجربا ۽ ذهني معلومات، سماجي ۽ ثقافتي اصلاح ۽ ڪوششون، ڊائريءَ جا ڪي چونڊيل ورق، ۽ انهيءَ دؤر جون ڪي اهم شخصيتون. آتم ڪٿا جي ٽئين حصي ۾ چار باب شامل آهن. ان دور جو بين الاقوامي سياسي احوال، هندستاني سياست جا واقعا ۽ احوال، ان دور جي سياست تي سرسري نظر، پنجن قومپرست سياستدانن جي زندگي، چئن مسلم سياستدانن جي زندگيءَ جا احوال، ۽ 1936ع کان 1947ع جا سال وار واقعا ۽ احوال ڏنل آهن. هن ڪتاب جي پيش لفظ ۾ جي. ايم. سيد لکي ٿو: ”هن ڪتاب لکڻ مان منهنجو مقصد انهيءَ دؤر جي ڪثير واقعات کي قلمبند ڪرڻ آهي، جو آئيندي لاءِ هن دور جي تاريخ لکندڙن واسطي مفيد مواد ميسر ڪري سگهندو.“
هي ٻئي جلد 1164 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان آهن، جن جي قيمت 1000 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو